ڀيم پور

ڀيم پور: ڀيم پور، ڪراچي شھر جي ھڪ علائقي جو نالو آھي، ھن علائقي لاءِ روايت آھي ته ان جو نالو ”ڀيم“ جي پٺيان پيل آھي. جيڪو ھندو مذھب جو ھڪ ديوتا ھو، جنھن لاءِ هندن وٽ روايت آهي ته اھو ديوتا ڪنھن کي غور سان ڏسندو ھو ته اھو شخص سڙي خاڪ ٿي ويندو ھو. ڀيم پور لياريءَ جي ھندن جي اڪثريت وارو علائقو ھو. ھن علائقي ۾ مندر، گھڻي تعداد ۾ تعمير ڪرايا ويا ھئا ھن علائقي ۾ پھرين چرچ به تعمير ڪرائي وئي ھئي.


لفظ ڀيم پورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو